نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو نوجوان جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو آهي. ان ڏس ۾ نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ پنڃل رند جي رھواسي 18 سالا شڪيل پٽ شھمير رند جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ھٿ آيو جنھن کي سندس وارث تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد کڻائي آيا جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو پي ويو سندس وارثن موجب نوجوان جو لاش گھرن جي پويان وڻ ۾ ٽنگيل ھو جنھن کي کڻي اسپتال آيا آھيون.