نيوڇور (ن پ ا) نيو ڇور شھر جي مختلف پاڙن ۾ گذريل 15 ڏينھن کان واٽر سپلاءِ جي پائيپن ۾ گندو پاڻي اچڻ سبب شھري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، شھرين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل 15 ڏينھن کان برسات جو گڏ ٿيل پاڻي ڇور واهه ذريعي واٽر سپلاءِ تلاءَ کي فراھم ڪيو وڃي پيو، جيڪو واپرائڻ سبب رهواسي گيسٽرو ۽ پيٽ جي ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.