اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين  عمران خان جي زندگي ۾ لفظ نيوٽرل هميشه اهم رهيو آهي، ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر متعارف ڪرائڻ جي دعويدار عمران خان اقتدار مان نڪرڻ بعد احتجاجي جلسن ۾ چيو ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي، 2 ڏينهن اڳ موقف تبديل ڪندي هن چيو ته جيڪي نيوٽرل آهن، اهي نيوٽرل ئي رهن، ڪالهه وري يوٽرن وٺندي چيو ته اوهان هن طرف هوندا آهيو يا ٻئي پاسي، نيوٽرل رهڻ جي ڪا گنجائش ئي ناهي.