اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آھي ته هي حڪمران ملڪ تي ٿاڦيل رهيا ته ادارن کي دفن ڪري ڇڏيندا، هنن پاڻ کي اين آر او پلس ڏنو آھي نيب قانون ۾ هنن  پاران منظور ڪرايل ترميمي بل ذريعي هنن جا اڄ سومر ڏينهن تي 12 سئو ارب روپين جا ڪيس ختم ٿيندا، هنن نيب کي دفن ڪري ڇڏيو آھي اسان به آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هئاسين پر اسان پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي، اهڙو اظهار ڪالھه هن وڊيو لنڪ ذريعي احتجاج کي خطاب ڪندي ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته  ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز اٿارڻ پنهنجي بهتري آھي قيمتن ۾ اڃا اضافو ٿيڻ وارو آھي ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو پگهاردار طبقي ۽ هارين کي متاثر ڪندو اسان جي حڪومت بعد پيٽرول 84  ۽ ڊيزل 110 رپيا مهانگو ڪيو آھي هڪ دم ايتري مهانگائي ڇو ڪئي وئي آھي هي ته ٻن مهينن کان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آھن اسان اڍائي سال آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هئا سين، اسان کي آءِ ايم ايف پيٽرول مهانگو ڪرڻ لاءِ چيو اسان 10 روپيا ليٽر گهٽ ڪيو اسان بچت ڪري پيٽرول ۾ اضافو نه ڪيو اسان ڪوشش ڪئي ته قوم تي بار نه پوي اسان جي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آھي هي چون ٿا ته خراب صورتحال ملي خراب صورتحال ۾ ته اسان کي حڪومت ملي هئي اسان کي 20 ارب ڊالر جو خسارو مليو هيو اسان ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍيو اڄ معيشت خطري ۾ آھي واپڊا جي ريٽنگ به گهٽ ٿي آھي هاڻي واپڊا کي قرض نه ملندا ته ڊيم ڪيئن ٺهندا اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو، رڪارڊ فصلن جي پيداوار ٿي اسان جي حڪومت خلاف آمريڪا سازش ڪئي هتان جا مير جعفر مير صادق ان ۾ ملوٽ ٿيا، مون نيوٽرلز کي سمجهايو ته جيڪڏهن حڪومت ختم ٿي ته حالتون سنڀلجي نه سگهنديون مون شوڪت ترين کي به چيو ته نيوٽرلز کي سمجائي اسان کي معلوم هو ته هنن وٽ قابليت نه آھي هنن جي وزير خرم دستگير جو شڪر گذار آھيان جنهن چيو ته هي هجن ها ته سڀ گرفتار ٿيون ها هنن نيب قانون ۾ جيڪو ترميمي بل منظور ڪيو جڏهن ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي پئي ڪئي تڏهن ان لاءِ هنن بليڪ ميل ڪيو هو هنن  جا سڀاڻي اڄ 12 سو ارب جا ڪرپشن ڪيس ختم ٿي ويندا هنن کي اڄ سومر ڏينهن اين آر او ٽو ملي ويندو هي قوم جا ٻارنهن سو ارب هضم ڪري ويندا  هنن روس سان ٻن مهينن ۾ ڇو نه ڳالهايو هي آمريڪا جا غلام آھن هنن عوام تي بار وجهي ڇڏيو ملڪ سريلنڪا جهڙين حالتن ۾ وڃي رهيو آھي هنن وٽ رڳو هڪ رستو آھي هي آمريڪن ڏي وڃي انهن جا پير پيا پڪڙين مفتاح اسماعيل آمريڪي سفير وٽ ويو به آھي خطرو آھي ته ان جي قيمت حقيقي آزادي خلاف هوندي بلاول ڀٽو ڀارت سان تعلقات ٺيڪ ڪرڻ جو بيان ڏنو آھي هن وقت ائين ڪرڻ پاڪستان جي مفاد خلاف آھي هي ماڻهو جيستائين ملڪ تي ٿاڦيل رهيا ته ادارن کي متاثر ڪندا هنن نيب دفن ڪري ڇڏي آھي هنن اليڪشن ڪميشن کي به پاڻ سان گڏ ملايو آھي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري رهيا آھن هي خوف طاري ڪري مسلط رهندا هي ادارا ۽ جمهوريت هلڻ نه ڏيندا سڃي قوم کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي آھي مان احتجاج جو سڏ ڏيندس تيستائين احتجاج ڪندا سين جيستائين نئين چونڊ جي تاريخ نٿي ملي هنن پنجاب ۾ ضمني چونڊن ۾  ڌانڌلي جو پلان جوڙيو آھي.

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ+ نمائندن وٽان) سنڌ سميت ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ پاران  مهانگائي خلاف مظاهرا ڪيا ويا. اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، امپورٽيڊ حڪومت ۽ مهانگائي خلاف نعري بازي ڪئي وئي،  جڏهن ته پشاور ۾ وڏو ميڙاڪو ٿيو . ڪراچي ۾ شاهراهه قائدين تي مهانگائي خلاف مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي امپورٽڊ حڪومت ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، بعد ۾ احتجاج ۾ شامل پي ٽي آءِ ڪارڪنن وڏي اسڪرين تي عمران خان جو خطاب ٻڌو، حيدرآباد ۾ احتجاج دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ نازش فاطمه اٺ گاڏي تي سوار ٿي خواجه سرائن سان گڏ پهتي. خواجه سرا ثنا خان ۽ ٻين چيو ته امپورٽيڊ حڪومت عوام کي مهانگائي جي آڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. مهانگائي سبب غريب ۽ پورهيت طبقو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. هنن چيو ته 21 ڏينهن دوران 3 ڀيرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري آءِ ايم ايف جا شرط منظور ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن حڪومت کي آءِ ايم ايف جي اشارن تي ملڪ هلائڻو آهي ته پوءِ امپورٽيڊ حڪمران ملڪ تي ڇا لاءِ قابض بڻيل آهن. ريلي دوران خواجه سرائن وزيراعظم شهباز شريف سميت پي ڊي ايم ۾ شامل سندن اتحادي جماعتن خلاف مختلف انداز ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. ڪوٽڙي ۾ مهاناگائي خلاف ٽرانسپوٽرز پاران ٽرڪون بيھاري ٺٽو حيدرآباد نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو هنيو. ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ٽرانسپورٽرز لائق شورو، وسيم شورو، نواز شورو ۽ ٻين جو چون هيو ته اسين ڪڻڪ، چانور،  اٽي ۽ ٻين شين جي منتقلي لاء ٽرڪون هلايوم ٿا هر شيء جو اگھ وڌي ويو آهي پر اسان جا ڀاڙا نٿا وڌايا وڃن، ٺٽو ۾ پي ٽي آء ٺٽي جي اڳواڻن امجد شاھ .عرفان ماڻڪاڻي.وقار ميمڻ .راحيل هالو، مراد پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي مرڪز کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي  ،ٽنڊو محمد خان پي ٽي آءِ طرفان آفتاب نظاماڻي ، سعود احمد فاروقي ، حسن نظاماڻي ، مختيار ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.نوشهروفيروز ۾ عوامي جھموري پارٽي پاران ذوالفقار راڄپر، اقبال ڏھراج، امير راڄپر، وقار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ پي ٽي آئي ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم ناھيد کھاوڙ ۽ حاجي خان ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مستوئي محلي کان ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، قمبر ۾ محمد علي ھڪڙو، نثار ڏيپر، صدام گوپانگ احتجاج ڪيو ،گهارو ۾ پي ٽي آئي جي سڏ مصطفيٰ چانڊيو.غلام حسين جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاج ڪيو ويو،  ميھڙ ۾ پي ٽي آء جي سڏ تي اڳوڻي  سينيٽر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ صداقت علي جتوئي ، ڪبير خان جتوئي ، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ،سردار مظھر خان جھتيال ايوب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ باء پاس کان ٻيٽو چوڪ گھنٽا گھر ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون آھن مھانگائي سبب غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي ماڻھو ٻه ويلا به پيٽ ڀري نٿا کائي سگھن،کائڻ پيئڻ کان ويندي ضرورت جي ھر شيء مھانگي ٿي وئي آھي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار پريشان آھن پاڻي جي لاء احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪرڻ واري عمل جي مزمت ڪيون ٿا هوڏانهن ميهڙ جي گهنٽاگهر چوڪ وٽ وڏي اسڪرين لڳائي وئي آھي جتي عمران خان جو لائيو خطاب ڏيکاريو ويو، ٽنڊورحيم خان پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان پاران مهنگائي خلاف اعلانيل ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ ڪارڪنن علي حسن لاشاري،مولابخش لاشاري،الهيار دلشاداڻي،وحيد زنگيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورماٿيلو ۾ سنڌ سڄاڳ نوجوان تحريڪ پاران نصرالله گڏاڻي، عبدالمجيد جلباڻي، سڪندر سميجو، الھڏنو سميجو، عمار دايو، قادري چنڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ موٽرسائيڪل هٿن تي ڪاھي، وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو ڌرڻو ڌرڻو ھنيو ويو.ميرپوربٺورو ۾ نوجوانن، مزدورن، ٽيڪسي ڊرائيورن پاران بيروزگار نوجوان تحريڪ ۽ ريوليوشنري اسٽوڊنٽ فرنٽ جي اڳواڻن سڪندر زئور، ڪامريڊ لطيف، ڪامريڊ غني، رشيد آزاد، امجد خيرپوري، فاضل خاصخيلي، جبار زئور جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ تي ۽ ڌرڻو هنيو ويو ، ڪڍڻ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي خلاف ڪڍڻ واسي روڊن تي نڪري آيا جي ڊي اي پي ٽي آء, نوجوان اتحاد ۽ شھر جو مزدور طبقي حڪمرانن کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان  ڪيو. مھتاب کٽي, عارف انصاري, اسد جمالي, دانش خآصخيلي, مرتضي جمالي, پي ٽي آء جي سليم نھڙيو, گل محمد گرگيز, جي ڊي اي پاران ميھار ملاح, ڏنو جمالي ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.کاھي ۾ مھانگائي  ايڪشن ڪاميٽي پاران ظفر مري، روشن مري، عبدالرحمان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ڪچي پل ۾تحريڪ انصاف جي سڏ تي پورهيتن پي ٽي آءِ اڳواڻ خالد کوسو، غلام عباس مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، تنگواڻي ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ خالد حسين نندواڻي، قربان باجڪاڻي،محمّد علي جي اڳواڻي ۾ ماشاء الله هوٽل کان ريلي ڪڍي وين ٽرمنل تي ڌرڻو هنيو