هاڻ نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي:عمران خان

0
504

اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هن وقت ڪنهن لاءِ به نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي، وچ ۾ ويهي رهڻ جو مطلب آهي ته توهان به ڏوهارين سان گڏ آهيو

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته جيڪي پاڻ کي نيوٽرل چون ٿا، اُنهن کي واضح چوان ٿو ته توهان ملڪي سلامتي ۽ خودداري جو حلف کنيو آهي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مارچ جي اجازت نه ڏيڻ واري فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ۽ آمرن ۾ ڪو فرق ناهي، ملڪ سان ظلم ٿيو آهي پر مارچ جي اجازت نٿي ڏني وڃي

هن چيو ته اڳوڻن فوجين ۽ شريف ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيوٽرل، ججز ۽ وڪيلن کي پيغام ڏيان ٿو ته هي وقت فيصلائتو آهي، عدليه ۽ نيوٽرل ڏسن ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪابه جمهوري حڪومت ائين ناهي ڪندي، منهنجي جان کي خطرو آهي، پر پرواهه نٿو ڪريان

عمران خان چيو ته آئون سياست نه، جهاد ڪري رهيو آهيان، سڀاڻي لازمي قافلن سان گڏ اسلام آباد لاءِ نڪرندس

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي موقعي تي سموري پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، فوج طلب