نيويارڪ فليٽس مامرو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران آصف زرداري جي حفاظتي ضمانت منظور

0
289

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب طرفان اڳوڻي صدر آصف زردري کي نيويارڪ فليٽس بابت جاچ ۾ طلبي مامري ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، درخواست تي ٻڌڻي دوران آصف زرداري پيش ٿيو، اڳوڻي صدر آصف زرداري سان گڏ وڪيل ۽ پ پ اڳواڻ به عدالت پهتا، آصف زرداري کي ايمبولينس ذريعي عدالتي ڪمري تائين پهچايو ويو، ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري مقرر رھي، عدالت ۾ پيشي دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان سياست کان پاسيرا ٿي ويا آهيو؟ آصف زرداري جواب ڏيندي چيو ته بلاول ڪمانڊر آهي، مزاحمت ۽ مفاهمت واري سياست بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته اِن حوالي سان بلاول کان پڇو.