ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني شماريات کاتي پاران  ٿيندڙ  ڊجيٽل مردم شماري کي هڪ سٺو قدم قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته 2017ع جي مردم شماري تي پ پ سمورين سياسي پارٽين کي  خدشا هئا، جيڪي  هاڻي نه رهندا آدمجي سائنس ڪاليج ۾ ڊجيٽل آدم شماري بابت ٽريننگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نيون تڪ بنديون مردم شماري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿينديون،   هن ڀيري مردم شماري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي.