نيوسعيدآباد: هٿياربندن جي فائرنگ استاد قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

0
397

نيو سعيد آباد (رپورٽر) نيوسعيدآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ استاد قتل، وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

ڳوٺ جمال ڏاھري ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، اسڪول ويندڙ استاد قتل ٿي ويو

 هٿياربندن گوليون هڻي اسڪول ويندڙ  استاد الله رکيو ڏاھري کي قتل ڪرڻ بعد ڪھاڙين سان ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيو

وارثن پاران قتل ٿيل استاد جو  لاش قومي شاهراهه تي رکي قاتلن  جي گرفتاريءِ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون،قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعري بازي ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو، ٻنهي ڌرين ۾  ڇڪتان هلندڙ آهي، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا

هي به پڙهندا

نيو سعيد آباد: ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ سندس ويڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف