نيوزيلينڊ ٽيم پاڪستان ۾ موجود: سيريز جو اسٽيٽس تبديل: گرين شرٽس جي پريڪٽس

0
258

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف سيريز کيڏڻ لاءِ 18 سالن بعد پاڪستان پهتي آهي ۽ پي سي بي ون ڊي سيريز جو اسٽيٽس تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ ٽيم ڍاڪا کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي، مهمان ٽيم جي خانگي هوٽل ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، رپورٽ ڪليئر اچڻ بعد رانديگرن کي پريڪٽس شروع ڪرڻ جي اجازت ملندي، جڏهن ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي 15 سيپٽمبر تي انٽر اسڪواڊ ميچ شيڊول آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ شيڊول ون ڊي سيريز آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو ناهي، جڏهن ته اها ٻنهي ملڪن جي گڏيل سيريز  آهي.  پي سي بي موجب سيريز ۾ ڊي آر ايس استعمال نه ٿيڻ جي ڪري انهن ميچز کي ورلڊ سپر ليگ جو حضو نه بڻايو ويو. پي سي بي موجب نيوزيلينڊ ٽيم 23-2022 ۾ ٻيهر پاڪستان ايندي ۽ 2 ٽيسٽ ميچز ۽ 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي. ٻنهي بورڊز فيصلو ڪيو آهي ته دوري دوران کيڏيل ون ڊي ميچز کي ورلڊ ڪپ 2023 جي ڪواليفڪيشن جي عمل جو حصو بڻايو ويندو. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر تي ٿيندي، سيريز جون ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچز 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي کيڏيون وينديون، جڏهن ته پنج ٽي ٽوئنٽي ميچز 25، 26، 29 سيپٽمبر ۽ پهرين ۽ 3 آڪٽوبر تي شيڊول آهن. ون ڊي ميچز راولپنڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاهور ۾ ٿيندي.