نيوزيلينڊ ٽيم جي واپسي ڪرڪيٽ ۽ ملڪي ساک داءُ تي

0
226
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان جا ڪرڪيٽ وارا ميدان  هونئن ته گهڻي وقت کان عالمي ڪرڪيٽ لاءِ سڪي رهيا آهن ۽ تماشائي ڪرڪيٽ ڏسڻ کان محروم آهن پر جهڙو جهٽڪو ۽ ڌڪ  نيوزيلينڊ ٽيم جي اوچتي اعلان سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي لڳو آهي اهڙو شايد اڳ ڪڏهن لڳو هجي. ڇاڪاڻ ته ان اعلان سان نه رڳو پاڪستاني ڪرڪيٽ متاثر ٿيندي پر ان جا اثر ملڪي ساک تي به نظر ايندا، ڇاڪاڻ ته نيوزيلنڊ ٽيم جي دوري جي ملتوي ڪرڻ واري اعلان کي گهرو معاملن جي وفاقي وزير  سازش ڪوٺيو آهي،تنهن ڪري لڳي ٿو ته  نيوزلينڊ ٽيم جي واپسي جو اعلان  رڳو سيڪيورٽي ٿريٽ جو معاملو  ناهي،پر اهو   سياسي معاملن سان  به ڳنڍيل آهي  جيڪي خطي ۾ تازو آيل تبديلي سبب پيدا ٿيا آهن.

سريلنڪا جي ٽيم تي لاهور ۾ حملي کانپوءِ لڳاتار پاڪستاني ڪرڪيٽ خطري هيٺ آهي،انهي حملي کانپوءِ ٻين ملڪن جي ٽيمن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو هو ايستائين جو پي ايس ايل جا مئچ به ڪجهه سال اڳ تائين پاڪستان ۾ نه ٿي رهيا هئا، رڳو فائنل يا سيمي فائنل سخت سيڪيورٽي انتظامن تحت لاهور يا ڪراچي ۾ ڪرايا ويا.نيوزلينڊ ٽيم جي پاڪستاني دوري کي پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ اهڙي اميد سمجهيو پئي ويو جنهن سان ٻين ملڪن جي رانديگرن جي  پاڪستان اچڻ جا رستا کلڻا هيا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو دورو ڪاميابي سان ٿي وڃي ها ته باقي دنيا ڏانهن اهو پيغام وڃي ها ته پاڪستان دنيا جي محفوظ ملڪن ۾ شامل آهي .انهي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ توڙي حڪومت انهي دوري جي ڪاميابي لاءِ هر قسم جا قدم کنيا. سيڪيورٽي معاملن بابت نيوزيلنيڊ جي سيڪيورٽي ٽيم کي به مطمئن ڪيو ويو ۽ اعتماد ۾ ورتو ويو،  جنهن ڪري نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان پهتي پنهنجي پريڪٽس به شروع ڪئي ۽ ايترن ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي خدشي جو اظهار نه ڪيو. پر ڪالهه جڏهن راولپنڊي ۾ مئچ شروع ٿيڻو هو ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پنهنجي بورڊ  دورو ملتوي ڪري ملڪ موٽڻ جو پيغام پهچايو، جنهن کي نيوزلينڊ جي حڪومت جي به مڃتا ملي جنهن ڪري پاڪستان جي وزيراعظم نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس ٽيم کي هر قسم جي سيڪيورٽي ڏيڻ جي خطري ڪرائي پر پوءِ به دورو ملتوي ڪيو ويو .انهي دوري ملتوي ڪرڻ سان جتي پاڪستان کي لکين ڊالرن جو مالي نقصان ٿيو آهي اتي پاڪستاني ڪرڪيٽ ۽ ملڪي ساک کي به وڏو ڌڪ لڳو آهي ڇاڪاڻ ته انهي دوري جي اوچتو ملتوي ڪرڻ سان اهو پيغام ويندو ته پاڪستان محفوظ ملڪ ناهي جنهن سان نه رڳو ٻين ملڪن جون ٽيمون پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪنديون پر گڏوگڏ جيڪي غير ملڪي سيڙپڪار آهن اهي به پنهنجي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا ۽ سياح پاڪستان اچڻ کان لنوائيندا. نيوزيلينڊ جي دوري کانپوءِ انگلينڊ جي ٽيم به پاڪستان اچڻي هئي پر هن اعلان کان پوءِ خطرو اهو آهي ته شايد انگلينڊ به پنهنجي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. انهي اعلان سان پاڪستان جون اهي ڪوششون به ضايع ٿيندي نظر اچي رهيون آهن جيڪي سالن کان ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ڪيون پئي ويون جنهن لاءِ پي سي ايل جي ذريعي ٻين ملڪن جي رانديگرن کي ملڪ ۾ کيڏڻ جا موقعا مهيا ڪيا ويا ۽ دنيا کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان محفوظ ملڪ آهي ۽ سيڪيورٽي جو ڪو خطرو ناهي.هن سڄي معاملي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس اهم آهي جنهن ۾ هن نيوزيلينڊ جي ٽيم جي دوري کي ملتوي ڪرڻ  سازش ڪوٺيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي معاملو راندين کان وڌيڪ سياسي معاملن جي ورچڙهيل نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ آيل تازي تبديلي سبب پاڪستان هن خطي ۾ اهم حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪي قوتون سازش ڪري پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ گهرن ٿيون جنهن جو اشارو گهرو وزير شيخ رشيد ڏنو آهي تنهن ڪري اها رڳو پي سي بي نه پر وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته انهي سازش کي  پڌرو ڪري  جنهن ذريعي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا ويا آهن پاڪستاني ڪرڪيٽ کي به خطري ۾ وڌو ويو آهي ته ملڪي ساک به داءُ تي لڳل آهي.