هيملٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ون ڊي سيريز 2-0 تان پنهنجي نانءُ ڪري ورتي. سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 41.3 اوورن ۾ 157 رنز تي ڍير ٿي وئي. پاٿم نسانڪا 57، ڊسن شاناڪا 31 ۽ چميڪا ڪرونارتني 24 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري، هينري شپلي ۽ ڊيرل مچل 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون. نيوزيلينڊ 32.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ول ينگ 86 رنز ۽ هينري نڪولس 44 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. اهڙي طرح نيوزيلينڊ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز 2-0 تان کٽي ورتي. ون ينگ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ون ڊي سيريز ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت شرڪت کان محروم ٿي وئي. سريلنڪا کي آخري 5 ون ڊي ميچز ۾ لاڳيتو شڪست نصيب ٿي، سريلنڪا سپر ليگ جي 8 ميچز مان 7 ميچون هارايون. آءِ سي سي جي قانون موجب ٽاپ 8 ٽيمون ورلڊ ڪپ لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري ويون آهن، جڏهن ته ٻيون 5 ٽيمون جون جولاءِ ۾ زمبابوي ۾ ٿيندڙ ڪواليفاءِ کيڏنديون. ڪواليفائر مان 2 ٽيمون ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جو حصو ٿينديون.