نيوزيلينڊ سان آءِ سي سي ۾ ڳالهائينداسين، هي ڪهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهن: رميز راجا

0
303

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي طرفان سيريز ملتوي ڪرڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي.

ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ رميز راجا چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، مون کي فينز ۽ رانديگرن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿيو.

هن چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ واپسي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ۽ هن مامري ۾ ڪجهه شيئر نه ڪرڻ به مايوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي.

رميز راجا چيو آهي ته هاڻي نيوزيلينڊ سان آءِ سي سي ۾ ڳالهائينداسين، نيوزيلينڊ وارا ڪهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهن.

ٻئي پاسي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته نيوزيلينڊ کي پاڪستان جي ايجنسين تي اعتماد ڪرڻ گهرجي ها، پاڪستان اچڻ کانپوءِ نه کڏڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي.