لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نيوزيلينڊ دوري پاڪستان لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو. مهمان ٽيم پهريان ڊسمبر ۽ پوءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. پي سي بي ترجمان موجب ڊسمبر ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان پهچندي. سيريز جي پهرين ٽيسٽ ملتان اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي مرحلي ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻيهر پاڪستان ايندي، ان دوران 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي. ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچون لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون. ٻئي بورڊ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تاريخن تي اتفاق راءِ کانپوءِ شيڊول جو باقاعده اعلان ڪنديون.