آڪلينڊ (م ڊ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن 7 فيبروري تي وزارت عظميٰ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران هوءَ استعيفا جو اعلان ڪندي جذباتي ٿي وئي ۽ روئڻهارڪي ٿي وئي. هن چيو ته آئون 7 فيبروري تائين وزيراعظم رهنديس. جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون هن عهدي مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ياد رهي شادي کان اڳ ئي هڪ ڌيءَ جي ماءُ آهي ۽ هاڻي هن نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو عهدو ڇڏي شادي جو فيصلو ڪيو آهي.