نيوزيلينڊ جي دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو: شيخ رشيد

0
156
نيوزيلينڊ جي دوري کي سازش
نيوزيلينڊ جي دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت منسوخ ڪيو ويو آهي

اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ، ”اسان کي ڪوبه ٿريٽ ناهي مليو. نيوزيلينڊ پاڻ دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان انهن کي بغير تماشائين جي کيڏڻ جي آڇ ڪئي پر هنن قبول نه ڪيو ، وزيراعظم به نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان ڳالهايو

هن چيو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت ختم ڪيو ويو ، دستانا پهريل هٿن سازش ڪئي آهي ، نيوزيلينڊ چار مهينن لاءِ هڪ سيڪيورٽي ٽيم موڪلي هئي ، ان ٽيم به سيڪيورٽي ڪليئرنس ڏني هئي

گهرو وزير چيو ته انگلينڊ جي ٽيم پنهنجو فيصلو ڪندي. اسان وٽ انهن لاءِ مڪمل انتظام آهن