نيلسن منڊيلا جي پوٽي پاران مس يونيورس مقابلي جي بائيڪاٽ جي اپيل

0
332
مس يونيورس مقابلي جي بائيڪاٽ
نيلسن منڊيلا جي پوٽي پاران مس يونيورس مقابلي جي بائيڪاٽ جي اپيل

نسل پرستي خلاف يادگار ۽ تاريخي جاکوڙ ڪندڙ ڏکڻ آفريقا جي عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي پوٽي نڪوسَي زويلولائل منڊلا منڊيلا هلندڙ سال ٿيندڙ سونهن مقابلي مس يونيورس جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي آهي

 

مس يونيورس جي چونڊ لاءِ هيل سونهن مقابلو هلندڙ سال ڊسمبر ڌاري اسرائيل ۾ ٿي رهيو آهي. منڊلا منڊيلا پنهنجي هڪ بيان ۾ ان تقريب جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اها خبر پوڻ تي مون کي جهٽڪو لڳو ته هيل اهو مقابلو اسرائيل ۾ ٿي رهيو آهي

منڊلا منڊيلا هلندڙ سال مس سائوٿ آفريقا جو اعزاز ماڻيندڙ ناري ۽ ٻين سونهن راڻين کي به اپيل ڪئي آهي ته هو مظلوم فلسطينين تي نسل پرست اسرائيلين جي ظلمن خلاف احتجاج طور ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪن


منڊلا منڊيلا چيو ته فلسطينين جي زمينن تي قبضن ۽ هنن جي خلاف بي رحم نسلي تعصب ۾ ڪو به حسن ٿي نه ٿو سگهي. فلسطينين خلاف ظالماڻا قدم کڻڻ تي اسرائيل خلاف بين الاقوامي ڏوهن واري عدالت ۾ ڪيس هلائڻ گهرجي

ياد رهي ته منڊل منڊيلا فلسطينين جي اسرائيل خلاف جاکوڙ جو وڏو حامي آهي ۽ هن 2016 ۾ اسلام به قبول ڪيو هو