نيشنل گرڊ ۾ فريڪوئنسي گهٽ هجڻ سبب ٻين شهرن جيان ڪراچي به متاثر ٿيو آهي: ڪي اليڪٽرڪ ترجمان

0
165

ڪراچي: ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون بابت ڪي اليڪٽرڪ ترجمان عمران رانا جو بيان سامهون آيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ ۾ فريڪوئنسي گهٽ هجڻ سبب ٻين شهرن جيان ڪراچي به متاثر ٿيو آهي

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ بجلي بحال ڪرڻ واري ڪم ۾ جنبيل آهي، پهرين ترجيح اسپتالون، هوائي اڏا ۽ اسٽريٽجڪ تنصيبون آهن

پنهنجي ٽويٽس ۾ عمران رانا چيو ته سموري شهر کي بجليءَ جي فراهمي ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ لڳي ويندا، بجليءَ جي اوچتو فراهمي بند ٿيڻ سبب ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڌاٻيجي پمپ جي پائيپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

هن چيو ته شهر کي بجليءَ کانپوءِ پاڻيءَ جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي، پوري ملڪ ۾ بجلي جي بحالي لاءِ ڪم هلي رهيو آهي، ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا

حيسڪو جي ترجمان چيو آهي ته حيدرآباد ريجن جي 78 گرڊ اسٽيشنز کي بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، ترجمان موجب ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جا 500 ڪي وي وارا سرڪٽ ٽرپ ٿيڻ سبب 13 ضلعن جي بجلي بند ٿي وئي آهي

هي به پڙهندا

اسلام آباد: نيشنل گـــِرڊ ۾ خرابي سبب بجليءَ جو ملڪ گير بريڪ ڊائون