لاهور (م ڊ) وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان  ۾ صوبن جو ڪردار بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي دوست محمد مزاري سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي امن امان صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي غور هيٺ آئي، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عوام جي راءِ رڳو ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان ئي مٽجي سگهي ٿي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جو تحفظ يقيني بڻائين. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف سموري قوم هڪ موقف تي متفق آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي جڏهن ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي ڪردار کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو، گذريل چئن سالن ۾ صوبن جو ڪردار نظرانداز ڪرڻ سان دهشتگردي ۾ واڌ ٿي، ملڪي معيشت جي بحالي ۽ ترقي لاءِ امن امان جو يقيني هجڻ بنيادي گهرج آهي.