لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا سجل علي ميڊم نور جهان جو ڳايل غزل ڳائي ملڪه ترنم جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون. سجل علي ويجهڙ ۾ برطانوي ريڊيو شو ۾ شريڪ ٿي هئي جنهن دوران اداڪارا پنهنجي نيشنل ۽ انٽرنيشنل ڪيريئر تي ڳالهايو، گڏوگڏ ميڊم نورجهان جي ڳايل ناصر ڪاظمي جو غزل ڳائي هن سان محبت جو اظهار ڪيو. سجل علي ناصر ڪاظمي جو غزل “نيت شوق ڀر نا جائي ڪهين“ ڳايو. هن غزل کي ميڊم نور جهان پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو هو. هن غزل ذريعي نه رڳو سجل هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊم نور جهاز جي ياد تازي ڪئي بلڪ سڀني جون دليون به کٽي ورتيون آهن. سجل علي ان انٽرويو ذريعي هڪ ڀيرو وري بالي ووڊ اداڪارا سري ديوي سان ڪيل تجربو پڻ شيئر ڪيو.