ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ڪيسن توڙي انڪوائرين، فوجداري ۽ محڪماڻي انڪوائرين ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن کي سندن عهدن تان نه هٽائڻ تان سنڌ جي چيف يڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت چيو ته نوٽيس ۾ آيو آهي ته نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن کي عهدا ڏنا پيا وڃن، عدالتي حڪم باوجود نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسر پنهنجي عهدن تي ويٺل آهن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته اهڙا آفيسر جن تي ڪرپشن جا الزام هجن، اهي عهدن جا اهل ناهن تنهن ڪري اهڙن آفيسرن کي عهدا نه ڏنا وڃن. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل آفيسرن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف انڪوائريز ٻڌڻي هيٺ آهن، اهڙن معاملن سان عدالتن تي غير معمولي بار وڌي رهيو آهي. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . واضح رهي ته درخواستگذار مظفر حسين ڪٽپر پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته نيب ريفرنس سبب کيس معطل ڪيو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته منهنجي معطلي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، عدالت مظفر ڪٽپر جي اهڙي درخواست به رد ڪري ڇڏي.