دادو: سال 2018 ۾ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن گڏيل طور تي خوراڪ کاتي دادو جي گودامن تي ڇاپا هنيا ويا ، ڪروڙين رپين جي سرڪاري ڪڻڪ گم هئڻ تي اينٽي ڪرپشن دادو پاران فوڊ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ، ڊي ايف سي ، 8 فوڊ انسپيڪٽرن ، واپارين خلاف خرد برد جا ڪيس داخل ڪيا ويا پر خوراڪ کاتي جي ڪنهن به ملازم خلاف ڪا به ڪاروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.