نيب جي خط جو سوشل ميڊيا وسيلي پتو پيو، عيد بعد جائزو وٺنداسين: مرتضيٰ وهاب

0
641

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار چيو آھي تھ سرڪاري ملازمن بابت نيب جي خط جو سوشل ميڊيا ذريعي پتو پيو، نيب کي نوڪرين، مقررين ۽ بدلين ۾ مداخلت جو اختيار ناهي،ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر سرڪاري ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ بابت نيب جَي خط جو سوشل ميڊيا ذريعي پتو پيو، بعد ۾ تفصيلن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ حڪومت نيب جو خط غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو، نيب چيئرمين کان نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نيب کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتين، بدلين ۽ مقررين بابت جاچ جو ڪوبه اختيار ناهي، نيب جي علمدار اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي خط لکيو آهي، عيد جي موڪلن بعد لائحه عمل جوڙيو ويندو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پڪ اٿئون ته خط بابت نيب چيئرمين کي اڳواٽ آگاهه نه ڪيو ويو، نيب چيئرمين نوٽيس وٺي ۽ جاچ ڪرائي ته ڪهڙي عملدار کيس ڄاڻ ڏيڻ بنا خط لکيو، غيرآئيني نوٽيس جي مذمت ڪندي احتجاج ڪريون ٿا، بحريه ٽائون کي بلاول هائوس جو شيلٽر هجي ها ته ايڪشن نه کڻون ها، اهڙيون ڳالهيون سنڌ حڪومت خلاف پروپئگنڊا جو حصو آهن، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته مقامي ماڻهن جي شڪايتن تي حڪومتي عملدارن کي هٽايو ويو ۽ ڳوٺن تي چڙهاين خلاف ڪيس داخل ڪرايو، بحريه ٽائون معاملي جي شروعاتي جاچ رپورٽ اچي وئي آهي، تفصيلي جاچ رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، مقامي وسندين کي تحفظ ڏنو ويندو ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.