اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هڪ ڀيرو وري وفاقي ڪابينا نيب قانون ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پاران سمري سرڪيوليشن ذريعي اهڙو ترميمي بل منظور ڪيو ويو، بل ۾ نيب چيئرمين کي ڪيس بند ڪرڻ، هلندڙ نيب ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي منظوري لاءِ لاڳاپيل احتساب عدالت ڏانهن موڪلڻ جو اختيار ڏيڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آھي، جڏهن ته احتساب عدالتن پاران ناقابل ٻڌڻي قرار ڏنل ڪيس کي نيب چيئرمين ڪنهن به لاڳاپيل اداري کي موڪلي سگهندو، نيب چيئرمين ڪيسن جو جائزو وٺي انهن کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي سگهندو، نيب کان ڪيس ملڻ بعد لاڳاپيل اداري کي نئين سر شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جو اختيار هوندو، هڪ علائقي جي عدالت کان ٻئي عدالت کي ڪيس  منتقل نه ٿي سگهندو، نيب چيئرمين جي عدم موجودگي ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب چيئرمين طور ڪم ڪري سگهندو، ڊپٽي چيئرمين نيب به نه هجي ته وفاقي حڪومت ڪنهن آفيسر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪري سگهندي، ڊپٽي چيئرمين نيب جي عهدي تي گريڊ 21 جو ڪو سول آفيسر ، ليفٽينٽ جنرل يا ميجر جنرل جي عهدي ڪو فوجي آفيسر به مقرر ٿي سگهندو، ترميم تحت ڊپٽي چيئرمين سينيٽ به هاڻي پبلڪ آفيس هولڊر تصور ٿي سگهندو.