اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ۽ ڊي جي نيب سليم شهزاد خلاف عورت  طيبه گل ڪارروائي جو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين کان مطالبو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ طيبه گل نالي عورت جو وڊيو اسڪينڊل سامهون آيو هو طيبه گل پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان کي خط لکي اڳوڻي نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب سليم شهزاد خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، ڄاڻايل عورت پاران لکيل خط پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ميڊيا کي جاري ڪري ڇڏيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته ڪاميٽي ميمبرن اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ طيبه گل کي پي اي سي اجلاس ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي.