لاهور (م ڊ) نيب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سموري ملڪيت نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي. نيب عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس ڪفالت هيٺ ماڻهن جي نالي ملڪ ۾ موجود سموريون ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان نيب طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي. نيب جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس اي سي پي موجب نواز شريف جا 4 ڪمپنين ۾ شيئرز آهن، محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز ۾ نواز شريف جا 4 لک 67 هزار 950، حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لک 43 هزار 425، حديبيه انجنيئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ۾ 48 هزار 606 شيئرز آهن. نواز شريف جي مختلف خانگي بينڪن ۾ 3 پرڏيهي ڪرنسي سميت 8 اڪائونٽ آهن، هن جي 5 بينڪ اڪائونٽس ۾ 6 لک 12 هزار رپيا موجود آهن، پرڏيهي ڪرنسي وارن اڪائونٽس ۾ 566 يورو، 698 آمريڪي ڊالر ۽ 498 برطانوي پائونڊ موجود آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايل ڊي ايل، لاهور ۽ شيخوپوره جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز، مري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ گليات ڊولپمينٽ اٿارٽي به نواز شريف ۽ هن جي ڪفالت هيٺ ماڻهن جا نالا لاهور، شيخوپوره، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتن جي حوالي سان رپورٽ ڏني وئي آهي، جنهن موجب نواز شريف ۽ هن جي ڪفالت هيٺ ماڻهن جي نالي 1752 ڪنال کان وڌيڪ زرعي ايراضي آهي. لاهور جي موضع مانڪ ۾ 963 ڪنال، موضع بڊو ڪساني ۾ 229 ڪنال، شيخوپوره جي موضع منڊيالي ۾ 14 ڪنال ۽ موضع فيروز وطن ۾ 88 ڪنال ايراضي آهي. ان کانسواءِ مري ۾ بنگلا، ڇانگلا گهٽي ايبٽ آباد ۾ 15 ڪنال جو گهر ۽ اپر مال لاهور تي ملڪيت به آهي.