اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان نيب ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم  ملڪ جي توهين آهي، ترميم منظور ڪندڙن کي جيل موڪلڻ گهرجي، هن چيو ته نيب ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن ئي هفتي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين، عمران خان چيو ته وڏن جوابدارن کي قانون جي ماتحت آڻڻ تائين پاڪستان اڳتي نه وڌندو، اميد آهي ته عدالتون نيب قانون جو نوٽيس وٺنديون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ تي بمباري ڪري ان کان به نيب ترميمي بل وڏو جرم آهي، ان ترميمي بل جي منظوري سان آصف زرداري، نواز شريف، مريم نواز سميت هنن جي وڏن وڏن نالن جا ڪيس ختم ٿي ويندا، هن ترميمي بل ذريعي نيب گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي ماتحت ٿي ويندي، عمران خان چيو ته هنن پاڻ کي اين آر او 2 ڏنو آهي، پهريون اين آر او نواز شريف ۽ آصف زرداري کي پرويز مشرف ڏنو، عمران خان چيو ته جن اسيمبلي ۾ بيشرمي سان هي بل منظور ڪيو انهن کي بيشرمي جي ڪري جيل ۾ وجهڻ گهرجي، هن چيو ته عوام کي هڪ ڀيرو وري احتجاج جو سڏ ڏيندس، قوم کي چوڻ چاهيان ٿو ته هي جهاد آهي، اسان مڪمل طور تي وڙهنداسين، معيشت تباهي طرف وڃي رهي آهي، رپيو ڏينهون ڪري رهيو آهي، مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيندا پيا وڃن، هي وڌيڪ دير رهيا ته پاڪستان کي سريلنڪا جي حالتن طرف وٺي ويندا.