نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي نيب کان جواب طلب

0
393
نيب قانون ۾ ترميمن خلاف

سُپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال پُڇيو ته ڇا گذريل ڏينهن به نيب قانون ۾ ترميم ڪئي وئي

حڪومتي وڪيل چيو ته نيون ترميمون اڃا قانون جو حصو نه ٿيون آهن، قانون ٺهڻ تائين اُن تي موقف نٿو ڏئي سگهجي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانون پارليامينٽ مان منظور ٿيو آهي، اُن جو احترام ضروري آهي