نيب قانون ۾ ترميمن تي خاموش نه ويهندس: عمران خان جو اعلان

0
303
عمران خان جو اعلان
نيب قانون ۾ ترميمن تي خاموش نه ويهندس: عمران خان جو اعلان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمن تي خاموش نه ويهندس

عمران خان اعلان ڪيو آهي ته نيب ترميمن خلاف هر آئيني ۽ قانوني فورم تي رابطو ڪيو ويندو

پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته کيس خبر هئي ته هِي اقتدار ۾ اچي پاڻ کي بچائڻ لاءِ نيب قانون کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا

عمران خان چيو ته خرم دستگير جو بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو اين آر او وٺڻ لاءِ حڪومت ۾ آيو هو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وفاقي وزير خواجه آصف جي صدر بابت بيان کي حلف جي ڀڇڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت سڌارن جي نالي تي پنهنجي خلاف ڪيسز بند ڪرائڻ گهري ٿي