اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس عمر عطاءُ بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ۾ بحث ڏوهه جي هيت تبديلي جو آهي، سزا ڪهڙي به هجي، ڏوهه ته ڏوهه ئي رهندو آهي، قرآن ۾ امانت ۽ خيانت جا اصول واضح آهن، خيانت ڪندڙ لاءِ قرآن شريف ۾ سخت الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن، ڏسڻو پوندو ته ڇا تعزيرات پاڪستان ختم ٿيڻ سان بنيادي حق متاثر نه ٿا ٿين، نيب پبلڪ پراپرٽي جا ڪيس ٺاهيندو آهي جيڪا عوام جي ملڪيت هوندي آهي، اعليٰ عدالت ۾ معاملي جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بنيچ ڪئي، ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل مخدوم علي خان دليل  جاري رکندي عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته پارليامينٽ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته ان کي قانونسازي جو اختيار آهي، ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تي عدالت کي ٻڌائڻو پوندو ته نيب ترميمن جهڙي قانونسازي ڇو نه  ٿي ٿي سگهي، صرف اهو ئي قانون ڪالعدم ٿي سگهي ٿو جيڪو ٺاهڻ تي آئيني پابندي هجي، عدالت جا اختيار گهٽٽائڻ لاءِ ڪيل قانونسازي ڪالعدم ٿي سگهي ٿي، جسٽس منصور علي شاهه ان موقعي تي پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڦاهي جي سزا ختم ڪرڻ آئيني عمل هوندو؟ جيڪڏهن پارليامينٽ نيب ئي ختم ڪري ته ڇا ان کي چيلنج ڪري سگهجي ٿو، ڇا عدالت اهو ڪري نيب کي بحال ڪري سگهي ٿي ته احتساب ختم ٿي ويو، وڪيل محدوم علي خان چيو ته پارليامينٽ کي قانونسازي سان گڏ قانون واپس وٺن جو به اختيار آهي، برطانيا ۾ موت جي سزا ڪنهن ڏوهه ۾ ناهي ڏني ويندي، موت جي سزا جي خاتمي وارو قانون ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي به لاڳو ٿيو هو، برطانيا انهن ملڪن سان جوابدارن جي حوالگي جو معاهدو ناهي ڪندو، جتي موت جي سزا ڏني ويندي آهي، جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏنا ته شرعي قانون ۾ موت جي سزا موجود آهي، ڇا شرعي اصولن خلاف قانونسازي ڪري سگهجي ٿي، درخواستگذار مطابق احتساب اسلام ۽ آئين جو بنيادي جز آهي، ان موقعي تي وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته اسلام آباد ۾ ديت ۽ قصاص جو تصور به موجود آهي، وارث ديت تحت ڏوهه معاف ڪري سگهن ٿا، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت قانون جو جائزو آئين ۽ بنيادي حقن جي پسمنظر ۾ ئي وٺي سگهي ٿي، ڇا عدالت ڪجهه ٻيو نه ملڻ تي شرعي پسمنظر ۾ قانونن جو جائزو وٺي سگهي ٿي، وفاقي حڪومت جي ڪائونسل ان موقعي تي چيو ته شريعت جي تحت قانون جو جائزو صرف شرعي عدالت وٺي سگهي ٿي، نيب ترمين جو جائزو اسلامي اصولن جي پسمنظر ۾ نه ٿو وٺي سگهجي، اجتماع ۽ اجتهاد جا اصول رياستي ادرو پارليامينٽ استعمال ڪري رهيو آهي، احتساب جا سمورا قانون سدائين ماضي کان لاڳو ٿيا آهن، نيب ترميمون ماضي کان لاڳو ٿيڻ حيرت جي ڳالهه ناهي، عدالت دليلن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.