ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت نيب کي ملازمن ۽ ڪامورن جي مقررين جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سروسز کاتي جي اختيارين پاران نيب جي هدايتن تي صوبي جي سرڪاري کاتن ڏانهن تفصيل اماڻڻ وارو هدايت نامو به رد ڪيو ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت جي هدايتن تي نيب پاران سنڌ ۾ ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ گريڊ هڪ کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن ۽ ڪامورن جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقررين بابت تفصيل گھرڻ تي سنڌ سرڪار اعتراض واري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، نيب پاران سنڌ حڪومت جي اهڙي مقررين واري معاملي تي شروع ڪيل جاچ بابت سنڌ سرڪار جا سرڪاري انتظام سنڀاليندڙ کاتي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڏانهن اماڻيل خط کي سروسز کاتي پاران ڪجهه هفتن تائين ڳجھو رکيو ويو هو. ان دوران سروسز کاتي پاران حيدرآباد ۽ ڪراچي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن توڙي سمورن کاتن آبپاشي، تعليم، صحت، اينٽي ڪرپشن، گھرو کاتي، آءِ جي سنڌ آفيس، ڪوآپريٽو، عشر زڪوات، عورتن جي ڀلائي واري کاتي، سنڌ اسيمبلي، زراعت، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، ورڪس اينڊ سروس، پبلڪ هيلٿ، مڪاني ادارن واري کاتي سميت ٻين سمورن سرڪاري کاتن جي اختيارين ڏانهن خط پڻ لکيو ويو هو ته ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ انهن آفيسرن ۽ ملازمن جا تفصيل ڏنا وڃن جيڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف عهدن تي مقرر ٿيل آهن. سروسز کاتي پاران نيب جي هدايتن تي کاتن ڏانهن لکيل اهڙو خط پڻ ڪالهه واپس ورتو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي هدايتن بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نيب جي هدايتن تي عمل ڪرڻ وارو خط واپس ڪندي کاتن کي هدايتن ڪئي وئي آهي ته سروسز کاتي جو اهڙو حڪمنامو رد سمجھيو وڃي. ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ حڪومت پاران نيب جي اهڙي جاچ واري معاملي تي قانوني ماهرن سان صلاح مشوري کانپوءِ نيب جي جاچ کي غيرقانوني قرار ڏيندي نيب کي ڊوميسائيل واري معاملي تي ڪي به تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سروسز کاتي جي جو چوڻ آهي ته نيب کي تفصيل فراهم نه ڪيا ويندا. نيب جي اختيارن جي دائري ۾ اهو ناهي ته هُو ٻهراڙين جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن ۽ ڪامورن جي شهرن ۾ مقررين واري معاملي تي جاچ شروع ڪري.