نيب سکر مبينا ڪرپشن جي الزام هيٺ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

0
287

سکر (بيورو رپورٽ) نيب ڪارروائي ڪري مبينا ڪرپشن جي الزام هيٺ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ ايل ڊي اي جو ٺيڪيدار اظهار شيخ ۽ خانپور جو ٽي ايم او اشرف ميمڻ شامل آهن، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ريفرنس داخل آهي جنهن ۾ مٿن ڪرپشن جا الزام آهن.