جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت پاران صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، سندس پٽ رافع جکراڻي ۽ سئوٽ مجيب جکراڻي جا نالا جوابدار طور شامل ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ جي جسٽس عمر سيال ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ نيب حملي ڪيس مان نالا خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته 28 جون تي نيب سکر جي ٽيم صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گرفتاري لاءِ گھر تي ڇاپو هنيو هو، نيب ٽيم کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي سول لائن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، ڪيس جي چالان ۾ پوليس صوبائي صلاحڪار جي سئوٽ ولي جکراڻي، خادم حسين ڀٽو، وسيم احمد جکراڻي، ديدار جکراڻي، عابد ڀٽي، ارسلان لاشاري، جاويد مينگل، سجاد مستوئي 17 نالا شامل ڪيا ھئا، جڏهن ته فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت 19 جولائي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي سندس پٽ رافع جکراڻي ۽ سئوٽ مجيب جکراڻي جا نالا جوابدار طور شامل ڪري ڇڏيا ھئا، ان فيصلي خلاف صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي وڪيل اطھر عباس سولنگي معرفت ڪيس ۾ نالا شامل ڪرڻ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ ۾ اھڙو فيصلو چيئلنج ڪيو ھو، محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.