نيب جا حڪم ناما ۽ وفاق جو سنڌ تي ٻيو وار…!

0
208
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان وٺي سنڌ تي مختلف طريقن سان وار ڪري رهي آهي، ڪجهه ئي مهينا اڳ وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن کي صوبي کان واپس وٺي صدارتي آرڊينينس جاري ڪري سنڌ جي صوبائي حڪومت جي مرضي کانسواءِ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي جو اعلان ڪيو هو. ان کانپوءِ هاڻ وري وفاقي حڪومت پاران سنڌ تي هڪ ٻئي وار جي ڪوشش ڪندي قانون ۽ آئين جون حدون به اورانگھيون ويون آهن، وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر ڪجهه وقت اڳ اهي اعتراض واريا هئا ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ڊوميسائيلن وارا سرڪاري کاتن جا ننڍا ملاز يا مٿين گريڊ جا ڪامورا شهري علائقن يعني ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڇو مقرر ٿيل آهن؟ سندس اهڙي اعتراضن کانپوءِ وفاق نيب کي ان معاملي بابت جاچ ڪرڻ جي به انوکي هدايت ڪري ڇڏي! جنهن بعد نيب جي اختيارين پاران قانون ۽ آئين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ئي معاملي جي نه رڳو باضابطه جاچ شروع ڪئي پر سنڌ حڪومت جا انتظام سنڀالڻ واري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي ته صوبي جي سمورن کاتن آبپاشي، تعليم، سروسز، بورڊ آف روينيو، صحت، ورڪس اينڊ سروس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، مڪاني ادارن واري کاتي، ڪي ايم سيز، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي، معدني وسيلن واري کاتي، عشر زڪوات، راندين، اقليتن جي معاملن واري کاتي، عورتن جي ڀلائي، لائيو اسٽاڪ، اطلاعات، ٻيلي کاتي، بهبود آبادي، سوشل ويلفيئر، ڪچي آبادي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي توڙي سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين سمورن سرڪاري کاتن، اٿارٽين سميت لوڪل ڪائونسلن ۾ جيڪي به گريڊ هڪ کان گريڊ 22 تائين جا ملازم ۽ ڪامورا ٻهراڙين جو ڊوميسائيل رکڻ باوجود ڪراچي۽ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل آهن انهن جا تفصيل ڏنا وڃن، 27 اپريل تي نيب پاران سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ڏانهن لکيل خط ڪيترا ئي ڏينهن سنڌ سرڪار پاران ڳجھو رکيو ويو، جيڪو “ٽائيم نيوز” ۽ “پنهنجي اخبار” هٿ ڪري ورتو، سروسز کاتي جي اختيارين پاران اهڙو خط ڳجھو رکڻ دوران سنڌ جي وڏي وزير ۽ قانوني ماهرن سان صلاح مشورا به ڪيا ويا ۽ سروسز کاتي پاران سمورن کاتن کي به خط لکي نيب جي هدايتن تي عمل ڪندي اهي سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا. جن مان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه کاتن پاران سروسز کاتي ڏانهن تفصيل اماڻيا به ويا هئا. اهڙو معاملو “پنهنجي اخبار ” ۽ “ٽائيم نيوز” نه صرف رپورٽ ڪيو پر ٽي وي چينل تي خاص ٽرانسميشن هلائي قانوني ماهرن، سياستدانن ۽ قومپرستن کان راءِ ورتي. جنهن تي قانوني ماهرن، سياستدانن، قومپرستن ۽ ساڃاهوندن پاران نيب جي اهڙي جاچ کي مڪمل طور تي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي مزاحمت جو اعلان ڪيو.
“پنهنجي اخبار” پاران سامهون آندل ان اسڪينڊل کانپوءِ نيب پاران وضاحت به جاري ڪئي وئي ۽ سنڌ سرڪار به جهڙي طرح خاموشي ۾ نيب جي ان جاچ ۾ سندن هدايتن تي هلندي کاتن کان سمورا تفصيل طلب ڪرڻ لاءِ جيڪو ليٽر جاري ڪيو هو اهو ليٽر سنڌ مان آيل ردِ عمل سبب واپس ورتو ويو، نيب پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ اهو چيو ويو آهي ته سندن جاچ شروع ڪرڻ واري خط کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، نيب جو چوڻ آهي ته اسان جاچ کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، ٻهراڙي جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيلن ذريعي شهري ڪوٽا تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، ان جي جاچ شروع ڪئي آهي، پر اها جاچ بند نه ڪئي ويندي.
وفاقي سرڪار پاران پيپلز پارٽي سان مخالفت سبب سنڌ بابت وقفي وقفي سان جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي. سنڌ جي عوام ۾ به ايترو شعور آهي ته هُو صوبن اندر وفاق جي اهڙي قِسم جي مداخلت، صوبائي ملڪيتن تي قبضن وارا آرڊينيس، هر قانوني ۽ غيرقانوني عمل، وفاق ۽ صوبن جي اختيارن سميت ٻين سمورن ان معاملن تي ڀلي ريت سمجھي ٿو ته ڪهڙن معاملن ۾ وفاق صوبائي خودمختياري تي وار ڪري ٿو. وفاقي حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪرڻ وارا اهڙا حربا هلائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوري صوبي جي انتظامي مشينري هلائي وڃي ٿي، جتي سيڪريٽري کان ويندي نائب قاصد تائين جا ڪامورا ۽ ملازم ضروري ناهي ته شهري ڊوميسائيل رکندڙ هجن.