نيب ترميمي آرڊيننس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

0
180
پيڪا آرڊيننس: عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج  ڪيو ويو آھي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، نيب چيئرمين ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رٽائرڊ ججز جي ٻيهر مقرري آزاد عدليه خلاف آهي، عدالت وفاقي حڪومت جو 8 آڪٽوبر وارو نيب آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي، درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جَي مختلف فيصلن جو به حوالو ڏنو ويو.

ٻئي پاسي قومي احتساب بيورو، نيب ترميمي آرڊيننس تي قانون واري وزارت کان وضاحت ۽ تشريح گهري ورتي آھي، راءِ اچڻ تائين ريجنلز آفيسز کي سمورن معاملن تي فيصلا روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

 نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت تشريح ڪري ته آرڊيننس بعد نيب جا اختيار ڪهڙا هوندا، راءِ اچڻ تائين سمورن معاملن تي فيصلا معطل رهندا.