اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي وفاقي حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته آئين ۾ عدليا کي قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل بينچ نيب ترميمن خلاف اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته درخواستن ۾ ڪوبه اهڙو ڪوبه ذڪر جوڳو نقطو ناهي، جنهن جو جواب ڏنو وڃي، قانون ان وقت ئي ڪالعدم ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ٻيو رستو نه بچيو هجي، عدليا، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو کي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي. هن چيو ته آئين ۾ عدليا کي قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار نه ڏنو ويو آهي، سپريم ڪورت پنهنجي فيصلي ذريعي عدليا کي قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ڏنو آهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته عدالتي فيصلي ۾ به قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار مشروط آهي، نيب ترميمن کي اسلامي اصولن خلاف هجڻ جي بنياد تي به چيلنج ڪيو ويو آهي، قانون خلاف شريعت قرار ڏيڻ لاءِ واحد فورم وفاقي شرعي عدالت آهي، سپريم ڪورٽ کي قانونن جو شريعت جي حوالي سان جائزو وٺڻ جو اختيار ناهي، قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، جنهن ۾ عدالت مداخلت نه ٿي ڪري سگهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته آمريڪي صدر وٽ جوابدارن کي معافي ڏيڻ جو اختيار آهي، آمريڪي صدر جو فيصلو غلط هجي يا صحيح، عدليا ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪندي، پنهنجي دليل ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل جو چوڻ هو ته 1947ع کان اڄ تائين قانون مطابق ڪيس ثابت ڪرڻ جو بار درخواستگذار تي هوندو آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته عدالت پارليامينٽ جي نيت تي سوال نه ٿي اٿاري سگهي. هن چيو ته قانون جي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ ووٽنگ جي وقت موجود ميمبرن جو عددي انگ هجڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته نيب قانون ۾ ترميم منظور ڪندي وقت ڪيترا ميمبر حاضر هئا، جنهن تي وفاقي حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته ميمبرن جو درست تعداد ٻڌائي ڇڏيندس پر اڄ تائين ڪوبه قانون ان بنياد تي ڪالعدم ناهي ٿيو ته اهو اڪثريتي ميمبرن منظور ناهي ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس وڪيل سان مقالمو ڪندي چيو ته هي صرف هڪ سوال آهي، جذباتي نه ٿيو، مخدوم علي خان چيو ته پارليامينٽ ميمبر آئين مطابق فيصلا ڪرڻ جو حلف کڻندا آهن، بينچ جي ميمبر جسٽس اعجاز الحسن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي حلف ۾ اهو به آهي ته سمورا فيصلا ملڪي سلامتي، ترقي ۽ ترقي لاءِ ڪندا، ڇا ملڪي سلامتي، ترقي ۽ بهتري جي خلاف قانونسازي پارليامينٽ ميمبرن جي حلف جي ڀڃڪڙي تصور ٿيندي؟وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪابه عدالت پارليامينٽ ميمبرن جي نيت جو تعين نه ٿي ڪري سگهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ججن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي حلف ۾ صرف اهو ئي فرق آهي ته جج قانون مطابق فيصلن جو حلف کڻندا آهن، جج ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي مطابق فيصلا ڪرڻ جو حلف ناهن کڻندا، جنهن تي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جج آئين ۽ قانون مطابق فيصلن جا پابند آهن، وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي منظور ٿيل قانونسازي قومي سلامتي ، ترقي ۽ بهتري جي حق ۾ ئي تصور ٿيندي آهي، وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ جي جج چيو هو ته پارليامينٽ وٽ بي وقوفاڻي قانونسازي جو هر حق موجود آهي،  آمريڪي عدالت قرار ڏنو ته جيڪڏهن عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن سان جهنم ۾ به وڃي ته ان جي مدد ڪنداسين، ڪنهن خراب ۽ بي وقوفاڻي قانونسازي تي به عدالت جو ڪوبه اختيار نه ٿو ٺهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل جاري ڪندي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.