نيب آفيسرن جي ڪرپشن جا ثبوت آهن ته سامهون آڻيو: نيب چيئرمين

0
380
نيب آفيسرن جي ڪرپشن

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪا به مقدس ڳئون ناهي، جيڪو ڪندو اهو ڀريندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ڦريل دولت واپس آڻڻ ڏکيو ڪم آهي.

جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته چانهه جي پيالي ۾ طوفان پيدا ڪيو پيو وڃي ته رڪوري جا اربين رپيا ڪيڏانهن ويا؟ سموري رڪوري پيسن ۾ ناهي ٿيندي جيڪي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائجن. نيب کي تڪراري ان ڪري ٺاهيو ويندو آهي جو طاقتور ماڻهن کان اربين رپين جي مني لانڊرنگ بابت پڇاڻو ڪيو. هن چيو ته نيب جي مڪمل آڊٽ ٽي ڀيرا ٿي چڪي آهي، ٻن چار ننڍين ليپس کانسواءِ ڪو به مسئلو سامهون ناهي آيو، رڪوري اسان وٽ امانت آهي، ڪڏهن به خيانت جو خيال ناهي آيو. اسان وٽ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح وصولي جو مڪمل حساب آهي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو نيب جي زور تي سياست ۾ زندهه رهڻ چاهين ٿا، انهن جي صبح به نيب تي تنقيد سان شروع ٿئي ٿي ۽ شام به نيب تي تنقيد سان شروع ٿئي ٿي، تنقيد ٿيڻ گهرجي پر جائز هئڻ گهرجي، هن چيو ته هڪ همراهه دبنگ انداز ۾ چيو ته نيب آفيسر رشوت وٺن ٿا، اڄ چوان ٿو ثبوت آڻيو، 48 ڪلاڪن ۾ ڪارروائي ڪندس.