سکر(بيورو رپورٽ) عورتن مٿان ٿيندڙ جنسي، جسماني ۽ ذھني تشدد جي روڪٿام لاءِ سنڌ پوليس سکر ڊويزن ۽  سماجي تنظيم پاران سيمينار ڪوٺايو ويو. مقررن عورتن ۽ ٻارڙين سان جنسي تشدد وارن واقعن ۾ غيرمعمولي اضافي تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي، ٿاڻن تي موجود پوليس جي رويي ۽ نياڻين جي تحفظ لاءِ جوڙيل قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. رپورٽ موجب سنڌ پوليس سکر ريجن، سنڌ سھائي سٿ آرگنائيزيشن ۽ وومين پروٽيڪشن سيل طرفان آءِ بي اي سکر جي آڊيٽوريم ھال ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ ھر قسم جي تشدد جي روڪٿام، تعليم سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو، عبدالغني بجاراڻي، سھيل ميمڻ، ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته افسوس جو سنڌ ۾ نياڻيون غير محفوظ ۽ بنيادي حقن کان محروم آھن، ڪارنھن جي ڪڌي رسم توڙي مدي خارج ريتن رسمن سبب نياڻين کي مختلف طريقن سان ايذائڻ وارو سلسلو ھن جديد دور ۾ به جاري آھي، نياڻين کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ، ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ وارن واقعن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي ويو آھي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنھنجي غفلت واري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ لاءِ تيار ناھن. ھنن جو چوڻ هو ته هاڻي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾  به نياڻيون محفوظ نه آهن. تعليمي ادارن مان به نياڻين جا لاش ملڻ معمول بڻجي ويو آھي. رياست خاموش تماشائي  بڻيل آھي نتيجي ۾ نياڻيون پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيون آھن.