ميھڙ : پي ٽي آء پاران ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي 8 وارڊن تي ڪامياب اميدوارن جا چونڊ نتيجا جاري نه ڪرڻ چونڊ نتيجن ۾ امڪاني طور ھيرا ڦيري ۽ پي ٽي آء اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جي گرفتاري خلاف ميھڙ شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ۾ ميھڙ جي ريشم گلي شاھي بازار سميت اڪثر مارڪيٽون بند ٿي ويون. ٻئي طرف سياسي سماجي تنظيمن پي ٽي آء، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ، جي يو آءِ ۽ ٻين پاران اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي ، شھري اتحاد جي صدر ۽ شھيد ڀٽو اڳواڻ عبدالستار چنه ،اڳوڻو ضلع چيئرمين ڪريم علي جتوئي ،ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ، بيريسٽر وڪيل ساجد ڳورڙ ، جي يو آء اڳواڻ مولانا مسعود پنھور ، ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو قومي عوامي تحريڪ جي مير کوسو، پي ٽي آء جي چونڊيل ڪائونسلرن سيد الطاف حسين شاهه  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء وي تي اٽڪ پمپ وٽ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو،  اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيستائين چونڊ نتيجا جاري نه پيا ڪيا وڃن ۽ نياز علي ٻرڙو کي آزاد نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين احتجاج جاري رھندو ھوڏانھن سخت سردي ھجڻ رات ٿيڻ باوجود به شاميانه ھڻي ڌرڻو گذريل 16 ڪلاڪن کان جاري رکيو ويو آھي.لياقت علي جتوئي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ حڪمران بوکلائجي ويا آھن ، اقتدار ويندي ڏسي ۽ سندن ميونسپل ڪاميٽي جيڪا اي ٽي ايم مشين طور استعمال ڪندا ھئا اھا بند ٿيڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن حڪومت باز نه آئي ته پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا ھن چيو ته عوام پي ٽي آء جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي جنھن جا نتيجا سرڪار ڏيڻ نه ٿي چاھي جيڪو مزمت جوڳو عمل آھي ھن چيو ته جيسيتائين ڪامياب اميدوارن جا نتيجا جاري نه ڪيا ويندا ھي ڌرڻو جاري رھندو