ميھڙ : صوبائي صلاحڪار ۽ پ پ ايم پي اي فياض علي ٻٽ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته پي ٽي آء اڳوان نياز علي ٻرڙو سرعام منھنجي وڏي ڀاء امتياز پاشا ٻٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڊي آر او ۽ آر او کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آھن جنھن جي ڌمڪين واري ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي آھي. ھنن حملو ڪيو آھي ۽  پ پ اميدوار جي گھر وڃي ھٿيارن جي زور تي ان کي ري ڪائونٽگ ڪرائڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون. ھن چيو ته پي ٽي آء جي سرسي ڪا به نه ٿي آھي اڃان رزلٽ رھيل آھي رزلٽ مڪمل اچڻ کان پوء خبر پوندي ته ڪنھن جي ڪاميابي ٿي آھي ھن چيو ته پي ٽي آء جا اڳواڻ ھميشه بوکلاهٽ جو شڪار رھيا آھن ۽ ھنن جي ھميشه ڌرڻن جي سياست رھي آھي