ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي  اڳواڻ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، جنهن گڏجاڻي ۾ حليم  عادل خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيف سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ۽ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ڄامشوري ۽ اوڀر ضلعن جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کان پڻ جواب طلب ڪيو آهي، عدالت حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪرڻ بابت جاري ڪيل منع نامي ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل جي اينٽي ڪرپشن عملدارن پاران کيس گرفتار ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت اينٽي ڪرپشن عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اپوزيشن اڳواڻ کي گرفتار ڪندڙ آفيسر کي عدالت کان ٻاهر نه وڃڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته توهان نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه ڪريو، اوهان جن جي غلامي ڪري رهيا آهيو، وقت تبديل ٿيڻ تي اهي اوهان کي نه سڃاڻيندا. عدالت چيو ته پنهنجي نوڪري جو خيال رکو، اوهان  جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيو، اهو نوڪري نه پر غلامي آهي. عدالت اينٽي ڪرپشن عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن جي جنهن گڏجاڻي ۾ درخواستگذار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، انهي جا تفصيل پيش ڪيا وڃن. عدالت چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تفصيلي سبب ۽ شاهديون پڻ پيش ڪيون  وڃن. ان موقعي تي عدالت اي سي سي ون جي  ميمبرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي اينٽي ڪرپشن اوڀر ۽ ڄامشوري جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.