نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اينٽي ڪرپشن عملدارن کي ڇنڊ

0
381
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن عملدارن کي ڇنڊ پٽي وئي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪندڙ اينٽي ڪرپشن عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

عدالت اينٽي ڪرپشن عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه ڪيو، جيڪو ڪجهه ڪيو پيا اُها ته غلامي آهي

عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي 17آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ڄامشوري مان اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو هو، حليم عادل شيخ گرفتاري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي آهي