نوَن 700استادن جي جاين لاءِ ٽيچرز لائسنس هوندو: سنڌ ڪابينا پاران ٽيچنگ لائسنس پاليسي منظور

0
258
سنڌ ڪابينا پاران ٽيچنگ لائسنس پاليسي منظور
نوَن 700استادن جي جاين لاءِ ٽيچرز لائسنس هوندو: سنڌ ڪابينا پاران ٽيچنگ لائسنس پاليسي منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾  اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ٽيچنگ لائسنس پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ٽيچنگ لائسنس پاليسي پيش ڪئي وئي آهي

تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته ٽيچنگ لائسنس پاليسي جو مقصد استادن ۾ پيشوراڻي مهارت آڻڻ آهي

جن ملڪن ٽيچنگ لائسنس جو سسٽم متعارف ڪرايو آهي اهي تعليم ۾ اڳتي ويا آهن

تعليم واري وزير چيو ته ٽيچنگ لائسنس جا پرائمري، ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري 3 قسم هوندا

لائسنس نوَن ڀرتي ٿيل استادن کي ٽيسٽ ڏيڻ بعد ڏنو ويندو

لائسنس لائف ٽائيم نه هوندو پر 5سالن لاءِ هوندو، 5 سالن بعد ان ۾ واڌ ڪري سگهبي

سردار شاهه چيو ته نوَن 700استادن جي جاين لاءِ ٽيچرز لائسنس هوندو ۽ اهي گريڊ بي ايس 16۾ ڀرتي ٿيندا

پاليسي تحت پروموشن لاءِ استاد وٽ ٽيچنگ لائسنس هجڻ گهرجي

سنڌ ڪابينا اهڙي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا رسول بخش شاهه کي سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ جو ايگزيڪيوٽو  ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا الڪوثر يونيورسٽي جي چارٽر جي به منظوري ڏني جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو اسٽيٽس وڌائي يونيورسٽي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي

سنڌ ڪابينا طفيل احمد کي ٽرانس ڪراچي جو سي اي او مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي