لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نويد جي گهرواري کان پوليس جي جاچ جاري آهي. جوابدار نويد جي گهرواري پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن مڙس کيس ڌونڪل ۾ قائم اسپتال وٺي ويو هو. هن ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي اسان پي ٽي آءِ جي آجياڻي ڪئمپ جي ويجهو کان گذرياسين ته آجياڻي ڪئمپ ۾ وڏي آواز ۾ موسيقي هلائڻ تي مڙس کي ڪاوڙ آئي هئي. جوابدار جي گهرواري چيو ته نويد گهٻرائيندي موسيقي وڄائڻ وارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو.