اسلام آباد: ( بيورو رپورٽ ) نون ليگ وزيراعظم عمران خان جي سفيرن کي خطاب کي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ نئون ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، نون ليگ جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي ايس پي پلس جي پاڪستان لاءِ رعايت نواز شريف جي سفارتي پاليسي جي ڪاميابي هئي، پاڪستان خلاف ٺهراءُ عمران خان جي ناڪامي جو ثبوت آهي، عمران خان صاحب!، پاڪستان جي سفيرن کي خطاب ۽ خالي بازارن ۾ ماڊلنگ سان اوهان جي ناڪامي نه لِڪندي