لنڊن(شوبز نيوز) نوميڊ لينڊ بهترين فلم جو بافٽا ايوارڊ کٽي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ ٿيل برٽش اڪيڊمي فلم ايوارڊز جي آن لائن تقريب ٿي جنهن ۾ نوميڊ لينڊ بهترين فلم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ فرانسس مڪ ڊورمنڊ کي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو، فلم دي فادر ۾ پيرسن والد جو ڪردار نڀائيندڙ سر انٿوني هاپڪنز بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو.