نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشھروفيروز ۾ ڊوائيس هولڊرن پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل 25000 رپين واري قسط مان 2 سئو کان مٿي عورتن جا اڪائونٽ هيڪ ڪري مبينا طور لکين رپين جي رقم ڪڍڻ ۽ ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي متاثر عورتن سياڻي، حليمان، راڄ ٻائي، وزيران، ڪلثوم، نورخاتون ۽ ٻين  ٻڌايو ته ڊوائيس هولڊرن سندن اڪائونٽ ھيڪ ڪري سموري رقم ڪڍي ڇڏي آھي ۽ ھاڻي اسان کي روز پند ڪرائي رھيا آھن، هنن چيو ته اھڙي شڪايت اسان بينظير پروگرام جي انچارج کي ڏني جنھن چيو ته اوھان جا پيسا نڪتل آھن، پر اھي اسان کي ناھن مليا، ھنن چيو ته قسط مان ڪٽوتي ڪري 2 کان 3 ھزار کنيا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،