نوشين ڪيس: چانڊڪا ڪاليج ۽ لاڳاپيل ادارا اڻ ڄاتل مدي تائين بند، نوٽيفڪيشن جاري

0
258

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نوشين جو ڦاھو ڏنل لاش ھٿ اچڻ وارو معاملو: شھيد محترما بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي يونيورسٽي جي ماتحت ادارن کي ٻي حڪم تي فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

 نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وي سي انيلا عطاء الرحمن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد بند ادارن ۽ ھاسٽلن کي سيل ڪيو ويو ـ شاگردن کي فوري طور تي ھاسٽلن کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

اڻڄاتل مدي تائين ادارا ۽ ھاسٽل بند ڪرڻ بعد امتحان به اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا. يونيورسٽي جي ماتحت بي بي آصفا ڊينٽل ڪاليج ـ بينظير ڪاليج آف نرسنگ ـ انسٽيوٽ آف فارميسي فزيوٿرافي سميت ھاسٽلون بند ڪيون ويون، رڳو غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر کليل رھندو. شاگردياڻي نوشين جي واقعي بعد اچانڪ يونيورسٽي جي وي سي طرفان چانڊڪا جا ادارا بند ڪرڻ بعد شاگرد توڙي شاگردياڻيون ويتر خوف ۾ وٺجي ويا آهن-

ھي به پڙھندا

نوشين بخاري واقعو: وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ بعد ڪميٽي قائم