ڊسڪا: نواز ليگ جي نوشين افتخار پنهنجي ئي پولنگ ايجنٽ کان سوال ڪري ورتو، ايم اي 75 جي ننڍي چونڊ دوران نواز ليگ اميدوار نوشين افتخار پولنگ اسٽيشن نمبر 344 جو دورو ڪيو، جتي هن پنهنجي ئي پولنگ ايجنٽ کان سوال ڪيو، نوشين افتخار پولنگ ايجنٽ کان سوال ڪيو ته اوهان ڪٿان کان آهيو؟ جنهن تي پولنگ ايجنٽ جواب ڏيندي چيو ته آئون اوهان جو ئي پولنگ ايجنٽ آهيان، جنهن تي ڪارڪنن روزدار ٽهڪ ڏنا.