نوشهري ۾ پولنگون تبديل ڪرڻ ڌانڌلي جي شروعات آهي: ظفر شاهه

0
201
نوشهري ۾ پولنگون تبديل

نوشهروفيروز (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ظفر شاهه ڊي آر او ۽ آر اوز تي اليڪشن کان اڳ ڌاندلين ۽ ضلع انتظاميا تي پ پ اميدوارن جي ڌر هجڻ جو الزام لڳايو آهي، هتي پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ظفر شاهه چيو ته ڊي آر او اچتو پ پ مخالف اميدوارن جيحمايتين جون پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪري ڏورانھن علائقن ۾ رکيون آهن

هن چيو ته يو سي سومر چنڙ جي ھڪ پولنگ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو ۾ مٽائي وئي آھي، جيڪو سنڌو درياهه جي ٻئي پاسي سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ آھي، پولنگ ھاشم لنجار جون ٻه لسٽون جن ۾ 800 ووٽ آھن اھا رتو سيال منتقل ڪئي وئي آهي

ھن چيو ته جڏھن سومر چنڙ پڪي جو ڳوٺ آهي ۽ اتي گورنمينٽ جا سمورا اسڪول به موجود آهن پر ان جي باوجود ڳوٺ جا ووٽ ڪچي منتقل ڪري ووٽرن کي رلايو پيو وڃي اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي