نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشھروفيروز جي عمراڻي پاڙي ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ فدا عمراڻي مٿان ٽن جوابدارن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتان طبي امداد بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي نوشھروفيروز ٿاڻي تي ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ پوليس هڪ حملي آور عرفان کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آھي.